اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو هڪ باهمت عورت هئي، هوءَ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي، ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سندس قرباني مثالي رهندي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي عورتن لاءِ همت جو استعارو هئي،