سکر (رپورٽ: رستم انڍڙ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان تفصيل ڏنا. هن چيو ته سنڌ ۾ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سولر انرجي منصوبن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. پهرين مرحلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ علائقن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ غريب ماڻهن جي گهرن کي سولرائيز ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 2 ڪراچي ۽ هڪ ڄامشورو ۾ سولر پارڪ ٺاهي رهي آهي، جيڪو عوام لاءِ سستي ۽ ماحول دوست بجلي مهيا ڪندو.برسات متاثر علائقن لاءِ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت 21 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي، جيڪي گرين انرجي تي ٻڌل هوندا ۽ 1.5 ڪروڙ ماڻهن کي فائدو ڏيندا. ان سان گڏوگڏ، کپرو ۽ سانگهڙ جي سرحدي علائقن ۾ به سولر سسٽم فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي بهتر زندگي گذارڻ جا موقعا ملي سگهن.هن پنهنجي بيان ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته عوام جو جوش ۽ جذبو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو اڃا تائين شهيد بينظير ڀٽو جي نظريي تي يقين رکن ٿا.