قوم پرستن جي جدوجهد سنڌين ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي:ادريس چانڊيو

ڪراچي(پ ر)ڪراچي ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ادريس چانڊيو سنڌ جي قومپرست اڳواڻن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ زباني ڪلامي تلخين تي افسوس ظاهر ڪندي کين يڪجهتي جي اپيل ڪئي آهي.هن چيو آهي ته قوم پرست اڳواڻ اسان سڀني سياسي سماجي ۽ ادبي سوچ رکندڙ ڪارڪنن لاءِ احترام لائق آهن، سياسي پورهيي ۽ قربانين سبب سنڌ جي معاشري ۾ هنن جي وڏي اهميت ۽ حيثيت آهي،هن چيو ته سنڌو درياهه جي بچاءَ، مذهبي انتها پسندي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف تمام قومپرستن جي هلندڙ جدوجهد سنڌي عوام ۾ اتساھ پيدا ڪيو آهي. هن وقت ڇتي تنقيد ۽ شديد مخالفت قومي مقصدن لاءِ جاري جدوجهد کي نقصان ڏئي سگهي ٿي. سنڌ جي قومي ۽ سياسي روايتن کي برقرار رکندي هڪٻئي خلاف ٿيندڙ بيان بازي کي بند ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌ جو عوام سيد زين شاھ،ڊاڪٽر قادر مگسي،صنعان قريشي،رياض علي چانڊيو،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،حسين بخش ٿيٻو،اياز لطيف پليجو،وسند ٿري،ذوالفقار ڀٽو جونيئر، بخشل ٿلو ،سنڌو نواز گهانگهرو، نور چاڪراڻي، اسلم خيرپوري ،نواز زئنور، خالق جوڻيجو،ثمر حيدر جتوئي ،خادم ٽالپر، خدا ڏنو شاه ۽ گلشير شر کي گڏيل جدوجهد لاءِ هڪ پليٽ فارم تي متحد ڏسڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.