ڊجيٽل ميدان ۾ به صنفي اڻ برابري واضح، عورتن جي پهچ محدود

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي هڪ رپورٽ مطابق ملڪ ۾ عورتن جي معاشي شرڪت، خاص طور تي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ميدان ۾ خطري واري حد تائين گهٽ آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي پر ڊجيٽل صنفي فرق اڃا تائين وڏو مسئلو بڻيل آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عورتن کي محدود ڊجيٽل برابري، مالي سهولتن تائين محدود رسائي، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي اڻهوند، اوزارن ۽ انٽرنيٽ جي اگهن ۾ واڌ، مقامي مواد جي کوٽ، حفاظتي خدشن ۽ پدرشاهي سماجي پابندين جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. رپورٽ ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جا انگ اکر به شامل ڪيا ويا آهن. فیس بڪ جي 6 ڪروڙ 4 لک واهپيدارن مان 77 سيڪڙو مرد ۽ رڳو 24  سيڪڙو عورتون آهن. ٽڪ ٽاڪ تي 5 ڪروڙ 44 لک واهپيدارن مان رڳو 22 سيڪڙو عورتون آهن، انسٽاگرام تي هڪ ڪروڙ 73 لک واهپيدارن مان 36 سيڪڙو عورتون آهن. پاڪستان ۾ ڊجيٽل صنفي اڻبرابري گهٽائڻ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي يونيسڪو پاڪستان جي مدد سان لاڳو ڪيون وينديون. رپورٽ موجب، نئين حڪمت عملي ۾ عورتن جي موبائل تائين رسائي ۾ موجود رنڊڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ منصوبو شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.