پاڻي ۽ گئس ڪاڏي به نه ويندو، صوبن کي پنهنجا حق ملندا: صدر

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مشڪلاتون ۽ تڪليفون آهن، پر اسان ڏکيائين سان مقابلو ڪرڻ جا عادي آهيون، توهان جو پاڻي ۽ گئس ڪاڏي به نه ويندو، جيڪو جنهن جو حق آهي، اهو کيس ضرور ملندو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي گڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته ڪي پي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ کي به ان جو حق ملندو.
صدر آصف زرداري چيو ته اڄ مان ڪارڪنن جي طاقت جي ڪري ٻيهر صدر آهيان، اسان 43 سالن بعد شهيد ڀٽو جو فيصلو ريورس ڪرايو، هاڻي اهو هميشه عدالتي قتل سڏبو.
آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو سپر پاور آهي ته اسان الله جي سپر پاور تي يقين رکون ٿا، اهي اسان جو ڪجهه به نه ٿا بگاڙي سگهن، مشڪلاتون ضرور آهن پر اها منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، مان سڀ ڪجهه ڏسي وٺندس، دنيا تبديل ضرور ٿي رهي آهي پر اهي تبديليون اسان لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.