لاڙڪاڻو/ سکر(نمائندا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 17 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن جلسي لاءِ پنڊال سجايو ويو، سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد جاري آهي.
اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ بينظير ڀٽو ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتن سان مهاڏو اٽڪايو.
جمهوريت جي بحالي واري جاکوڙ دوران سندس والد ۽ ٻن ڀائرن به شهادت ماڻي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي دوران شهيد ڪيو ويو.
شهيد راڻي جي 17 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو سميت مختلف شهرن ۾ قران خواني جيالن پاران رت جا ڏيئا ٻاري شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش پيش ڪئي پئي وڃي.
صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس پهتل آهن.
شهيد امڙ جي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ذريعي پاڪستان جي ترقي کي تباهه ڪيو ويو.
هن چيو ته شهيد بينظير سدائين عام ماڻهن ۽ پٺتي پيل طبقن جو آواز بڻجي حقيقي نمائندگي ڪئي.
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پارٽي اڳواڻن سان گڏجي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي جلسي گاهه جي انتظامن جو جائزو ورتو، ۽ اُتي قائم ڪئمپن جو دورو ڪيو، هن لاڙڪاڻي شهر ۾ ورسي جي سلسليءَ ۾ مختلف هنڌن تي قائم استقباليه ڪئمپن جو پڻ دورو ڪيو.
ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي ۽ جلسي جي سلسلي ۾ سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي جلسي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري سميت چئني صوبن جا اڳواڻ خطاب ڪندا، جلسي گاهه ۾ سيڪيورٽي جا پڻ ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته جلسي ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان لکين عوام شرڪت ڪندو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو،
هوڏانهن ڪالهه صدر آصف علي زرداري محترمه جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نئون ديرو هائوس پهچي ويو آهي، ان کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين اڳواڻن صدر جو استقبال ڪيو ويو.
ان موقعي تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا گورنر ۽ پ پ جي سينئر قيادت به موجود هئي، صدر 28 ڊسمبر تي سکر ۾ ضياءَّ الدين يونيورسٽي جو دورو ڪندو.