راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب هڪ دفعو ٻيهر فوجي عدالتن مان جوابدارن کي سزائن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فوج سميت سڀئي ادارا رياست جي ماتحت آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايندي عمر ايوب چيو ته مون اڳ ۾ به ملٽري ڪورٽن مان سزائن جي مذمت ڪئي هئي ۽ اڄ به ڪيان ٿو، پي ٽي آءِ باني پڻ فوجي عدالتن مان سزائن جي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو ته ملٽري ڪورٽن مان سويلين کي سزائون نه ملڻ گهرجن، آئين ۾ آرٽيڪل 7 موجود آهي، جنهن ۾ رياست جي تعريف ڪئي وئي آهي، توهان جي پارليامينٽ، صوبائي اسمبليون، آئين ۽ سينيٽ رياست آهي، جڏهن ته فوج ۽ ٻيا ادارا رياست جي هيٺان آهن.
سندس چوڻ هو ته فوج جو ادارو عدليه طور ڪم نٿو ڪري سگھي، سويلين جو ٽرائل سويلين عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجي.
You might also like