ڪراچي ۾ پارو سنگل ڊجيٽ ۾ اچي ويو، سيءُ اڃا وڌندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي ۽ موسميات کاتي وڌيڪ ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، رات دير سان گهٽ ۾ گهٽ پارو 8.8 رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اڄ به موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.
ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سبب پارو سنگل ڊجيٽ تائين پهچي ويو، شهر ۾ 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار هوا گهلي رهي آهي، جڏهن ته اڄ رات کان ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب جنوري جي پهرئين هفتي ۾ ڪوئيٽا جي ٿڌيون هوائون شهر ۾ داخل ٿينديون، جنهن سبب 4 کان 5 جنوري کان ٿڌ شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.