ڪريتي جو ڪرسمس جشن، بواءِ فرينڊ سان رومانوي تصويرون ليڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪريتي سينن ۽ ڀارت ڄائي بزنس مين ڪبير باهيا جي رومانوي لاڳاپن جون خبرون هڪ ڀيرو وري گردش ڪري رهيون آهن.
ٻنهي ڪرسمي جي موقعي تي پنهنجون تازيون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، انهن تصويرن سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ۽ ٻنهي جي ڊيٽنگ جون خبرون زور پڪڙي رهيون آهن.
ذريعن موجب، ڪريتي ۽ ڪبير کي ماضيءَ ۾ به ڪيئي ڀيرا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گڏ موڪلون ملهائيندي ڏٺو ويو آهي.
ڪبير باهيا اداڪارا جي ڪٽنب سان گڏ به اهم موقعن تي نظر آيو، جنهن کانپوءِ سندن لاڳاپن جا افواهه وڌيڪ زور وٺي رهيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪريتي ۽ ڪيبر وچ ۾ سنجيده نوعيت جو رشتو جُڙي چڪو آهي، پر ٻنهي اڃا تائين باظابطا طور تي اهڙين خبرن جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، جڏهن ته خبرون اِهي به آهن ته جوڙي کي ڪٽنب پاران منظوري نه ملڻ به خاموشي جو سبب ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.