ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) سنڌ صوبي مان ڪچي تيل جي پيداوار ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪليل خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ پساکي فيلڊ مان تيل جي پيداوار ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.
خط موجب پساکي فائيو فيلڊ جي کوهه مان ڪچي تيل جي پيداوار روز 420 بيرل جي واڌ سان 900 بيرل تائين پهچي وئي آهي.
او جي ڊي سي ايل جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پساکي فائيو ۾ کوهه مان پيداواري عمل کي اي ايس پي سسٽم سان بهتر ڪيو ويو آهي.
You might also like