نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سڄي سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي: جونيئر ذوالفقار ڀٽو

وارهه/ وڳڻ (نمائندن وٽان ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ڇهن نون ڪئنالن واري منصوبي کي سنڌي عوام جي قتل عام جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال سنڌ جي عوام جي موت جو پروانو آهن،  نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سڄي سنڌ تباھه ٿي ويندي، وارهه ۽ وڳڻ ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته درياءَ مان ڪئنالن ذريعي جيترو پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايترو پاڻي ئي ناهي، ڪئنالن جي اڏاوت سنڌين جي ِ موت مثل آھي، ڪئنال ڪڍڻ سان سڄي سنڌ  تباھه ٿي ويندي، عالمي ادارا حڪومت جي بيوقوفي تي فنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ڪئنالن جي مسئلي کي عام ۽ سولو نه سمجهڻ گهرجي، ڪئنالن واري منصوبي ۾ ڪا سائنس  ناهي، هي منصوبو سائنس جي به خلاف آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته جڏهن مان ڊولفن جي ڳالهه ڪريان ٿو ته  سمجهو مان سنڌ جي عوام جي ڳالهه ڪريان ٿو ، ڊولفن جي بقا سنڌ جي بقا آهي. هن چيو ته پ پ شھيد ڀٽو پارٽي عوامي پارٽي آھي ۽ اسان پنهنجي عوام کي ڪڏھن به اڪيلي ناهي ڇڏيو حڪمرانن جي صرف پنهنجي مفادن جي جنگ هلي رهي آھي ۽ ان جو بار عوام تي پيو آھي شھيدن جي پارٽي تي حڪمراني ڪندڙ عوام جي حقن لاءِ ڪوششون وٺن نه ته انهن کي هي عوام هرگز قبول نه ڪندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.