لنڊن ( م ڊ ) 9 سانحي ۾ ملوث پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي فوجي عدالتن مان ٻڌايل سزائن کانپوءِ برطانوي حڪومت شهرين جي سزا تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته برطانيه پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، برطانوي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب برطانيا پاڪستان جي قانوني عمل ۾ مداخلت نٿو ڪري، فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل شفافيت ۽ آزادي جي کوٽ جو سبب بڻجي ٿو ،ترجمان موجب اهو هڪ منصفاڻي ٽرائل جي حق کي ڪمزور ڪري ٿو،ترجمان موجب پاڪستاني حڪومت بين القوامي معاهدي تحت شهرين جي حقن جي پاسداري ڪري.