حڪومت سان ڳالهين ۾ اپوزيشن ڪهڙا مطالبا پيش ڪيا؟ اسد قيصر ٻڌائي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته هنن حڪومت سان ڳالهين دوران ٽي مطالبا پيش ڪيا آهن.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اختيارن جو جيڪو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، اهو تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي. اسان تي ڪيسن کي ماڻهو بدترين انتقامي ڪارروائي سمجهي رهيا آهن، ڇا آئين ۾ واضح ناهي ته هر شهري پرامن احتجاج ڪري سگهي ٿو؟
قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن جي فيصلن ۽ ڪارروائين تي اسان کي به مايوسي آهي. يورپي يونين ۽ برطانوي حڪومت کي به فوجي عدالتن تي خدشا آهن. اسان جي جدوجهد ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ آهي، ۽ اسان ان کان پوئتي نه هٽنداسين.
هن چيو ته ٽي وي چينلن تي تحريڪ انصاف خلاف هڪ طرفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال سبب حڪومت کي هڪ رستو ڏنو آهي.
سندس چوڻ هوته اسان هر صورت ۾ آئين ۽ قانون موجب ملڪ جا معاملا هلائڻ چاهيون ٿا، هڪ ذميوار سياسي جماعت جي حيثيت سان اسان چاهيون ٿا ته ملڪ کي بحران مان ڪڍون.
اسد قيصر ٻڌايو ته اسان حڪومت آڏو 3 مطالبا رکيا آهن، جنهن ۾ هڪ ملڪ ۾ لاقانونيت بند ڪئي وڃي، ٻيو پي ٽي آءِ باني ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته ٽيون مطالبو 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان جي ڪيسن بابت سروي ڪرايو، 99 سيڪڙو ماڻهو انهن ڪيسن کي غلط چوندا. اسان ڪا رعايت نه پيا گهرون، پر اهي ڪارروايون غيرقانوني آهن.
واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ گذريل ڏينهن ڳالهين جو پهريون دور ٿيو، جڏهن ته ڳالهين جو ٻيو دور 2 جنوري تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.