اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي پاڪستان جي سڪيورٽي جو فيصلو پاڪستاني قوم ڪندي، پاڪستان تي ماضيءَ ۾ به گھڻيون پابنديون لڳيون پر هنن پنهنجي سڪيورٽي تي ڌيان رکيو.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ممتاز زهرى چيو ته آمريڪي پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي ڪو فرق نه پوندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جون پاڪستاني ميزائل پروگرام تي پابنديون غير ضروري ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن، پاڪستان ڪڏهن به اهو نه چيو ته امريڪا سان اهڙا لاڳاپا چاهين ٿا ته جنگ جي صورتحال پيدا ٿئي ۽ ميزائل جي ضرورت پيش اچي.
هن چيو ته ميزائل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ڀارت خطي ۾ شروع ڪئي، وڏين طاقتن کي ڀارت خلاف قدم کڻڻ گهرجن.
فوجي عدالتن بابت يورپي يونين جي خدشن تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين ۽ عدالتون اندروني مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستاني قوم ڄاڻي ٿي ته پنهنجا اندروني مسئلا ڪيئن حل ڪيا وڃن.
You might also like