پاڪستان ”واپار دوست“ناهي رهيو، رپيو مضبوط ڪرايو: پاڪستان بزنس فورم

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بزنس فورم سال 2024ع کي واپاري برادري ۽ عوام لاءِ ڏکيو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان واپاري دوست ملڪ ناهي رهيو، پاڪستان بزنس فورم اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي لکيل خط ۾ ڪيو آهي، خط ۾ لکيو ويو ته 2024ع ۾ بجلي جي بلن ۽ وياج جي شرح واپاري کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان هاڻي ڪاروبار دوست ملڪ ناهي رهيو، ان صورتحال ۾ سڀني کي گڏجي ويهڻ جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي پروگرام باوجود رپئي جي قدر مضبوط ٿيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته رپئي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتي قدم کڻي، خط ۾ چيو ويو ته 2024ع ۾ هارين کي زرعي محاذ تي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيداواري لاڳت به وصول نه ڪري سگهيا آهن، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوک جو هدف ساڍا 16 ملين ايڪڙ فوٽ هو پر رڳو 12 ملين ايڪڙ فٽ ڪڻڪ پوکي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.