ڪي پي حڪومت جي وفاق کي ڪرم ضلعي ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي درخواست

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت وفاق کان ڪرم ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي مقرري جي درخواست ڪري ڇڏي.
خيبر پختونخواهه جي ڪابينا ڪرم ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ دستاويز موجب صوبائي حڪومت وفاق کي ايف سي جي مقرري جي درخواست ڪئي آهي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حساس علائقن ۾ پوليس جي واڌو نفري پڻ مقرر ڪئي ويندي.
دستاويز موجب پشاور، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان، ملاڪنڊ لاءِ خصوصي بم پروف گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ گرانٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ قبيلائي ضلعن سميت ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان ۽ ٻين ضلعن جي ڊي پي اوز کي بم پروف گاڏيون ڏنيون وينديون.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن لاءِ به بم پروف گڏاين جو بندوبست ڪيو ويندو، امن امان خراب ڪندڙن جو نالو فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويندو، امن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون ڪيون وينديون، ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ گرينڊ جرڳي کي ڊگهي مدي تائين جاري رکيو ويندو.
دستاويز موجب امن امان خراب ڪندڙن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويندو ۽ ڪرم ۾ سڀني بنڪرز ۽ ڳري هٿيارن کي حڪومتي تحويل ۾ ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.