شمن علي ميرالي جو نئون گيت حقيقت ۾ ڳڻتيءَ جو اظهار آهي!

چيو ويندو آهي ته راڳ روح جي راحت آهي ان کي ڪير ڪيتري حد تائين صحيح يا غلط سمجهي ٿو اها سڀ ڪنهن جي ذاتي سوچ آهي ته پر راڳ فن ۽ جذبي جو اهڙو ته انداز آهي جنهن ۾ آواز، ڌُن، سُر ۽ تال ذريعي خيال، احساس، جذبا ۽ ڪهاڻين سميت ٻيو گهڻو ڪجهه بيان ڪيو ويندو آهي، راڳ اظهار جو تمام پراڻو ۽ اثرائتو انداز آهي جنهن ذريعي مقصد، عزم ۽ منشور به فردي کان اجتمائي صورتون اختيار ڪري ويندا آهن. راڳ ثقافتي اهڃاڻ، ڪنهن به خطي يا فطرت توڙي فرد جي خوبصورتي، سونهن توڙي شاهوڪار ۽ ڪمزور صورتحال جي وضاحت، تجزيو يا جائزو به ٿي سگهي ٿو، مطلب ته اهو هڪ اکري لفظ پنهنجي اندر درياهه کان وڌيڪ گهرائي رکي ٿو.

راڳ لاءِ آواز، سُر ۽ شاعري هڙني شين جي هڪ ئي وقت بهتر چونڊ ضروري آهي ٻئي صورت ۾ ”ڪنهن جو روئڻ به راحت ڪنهن جو کلڻ به خواري“ وانگر هر ڳائڻ راڳ نٿو ٿي سگهي.

سنڌ ۾ راڳ جي شروعات ڪهڙي طريقي سان ٿي، راڳ جي دنيا ۾ ڪنهن ڪيترو پاڻ ملهايو، ڪهڙي فنڪار ڪهڙي شاعرن جي شاعري يا ڪيترو معياري ڳايو اهو هڪ الڳ ۽ تمام وڏو موضوع آهي. ان سان گڏ هن وقت راڳ، ڳائڻن توڙي شاعري جو معيار ڪهڙو رهيو آهي، هاڻوڪا راڳي ۽ شاعر ڪهڙن منظرن جي عڪاسي ڪن ٿا، اڄڪلهه فنڪارن جي گيتن ۾ ڪهڙو اظهار ٿئي ٿو انتي به وڏي ڳڻتيءَ جوڳو بحث ڪري سگهجي ٿو، پر اسان اڄ هڪ اهڙي ڳيت ۽ ڳائڻي جي ڳالهه ڪرڻ وارا آهيون جيڪو اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي تمام وائرل ٿي رهيو آهي.

ناليواري راڳي شمن علي ميرالي جي نئين گيت جو موضوع انڪري به دلچسپ آهي جو هاڻوڪو گيت شمن علي ميرالي جي تقريبن ٻه ڏهاڪا اڳ ڳايل گيت جو فالو اَپ آهي.

نوي واري ڏهاڪي ۾ جنهن به سنڌي گانا ٻڌا هوندا يا شمن علي ميرالي کي ڪير به نالي سان سڃاڻندو هوندو ته ان سندس آواز ۾ ڳايل هل گيت ”هَل ته هلئون يار ٻئي گهمڻ ڪچي ڙي“ ضرور ٻڌو هوندو، جيڪو ان دور ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو هو، ان گيت ۾ شمن علي ميرالي ڪچي جي سونهن، تِترن جي ٻولين، ساوڪ، ٿڌين هوائن ۽ زمين مان ايندڙ خوشبوئن جو اهڙي انداز سان ته بيان ڪيو آهي جو ان دور ۾ هر ماڻهو جي چپن تي ان گيت جي سٽن سان هڪ دعوت نامو پئي ورجائبو هو، ان گيت ۾ ملاحن جي ٻيڙيون هلائڻ، سنڌو جو سير ڪرائڻ ۽ ڏنڀرو، موراخي ۽ پَلو مڇي کائڻ جو ذڪر ڪچي جي مهمانوازي جي عڪاسي هيو، شمن علي ان گيت ۾ ڪچي ۾ محبتن جا ميڙ مچڻ ۽ مور نچڻ واري منظرن جي عڪاسي ڪئي هئي جنهن جي ڪري نه رڳو اتان جي رهواسين پر پَڪي جي ماڻهن جي دلين ۾ به ڪچي سان هڪ عجيب قسم جو چاهه پيدا ڪيو هو. انتهائي افسوس سان چئجي ٿو ته شمن جي ڳايل ان گيت جيان ڪچي جون رونقون به ماضيءَ جو قصو بڻجي ويون آهن، هاڻي اتي مينهن ته وسن ٿا ۽ گاهه به ڦٽن ٿا پر نه امن جا پَکي اڏرن ٿا نه ئي ٻنين ۽ ڦولار جي خوشبو سنگهڻ لاءِ ڪوئي ڪچي وڃي ٿو. هاڻي ڪچي ۾ تترن جي ٻولين بدران ڌاڙيلن جي گولين جي ٻڌڻ جا آواز اچن ٿا. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي شمن علي ميرالي هڪ نئون گيت ”ڪير وڃي ڪچي ۾ ڌاڙيل رهن ٿا“ ڳايو آهي جيڪو سندس ئي ڳايل گيت جو فالو اَپ چئي سگهجي ٿو. شمن علي جو اهو گيت ڳڻتي جوڳي صورتحال جي عڪاسي ته ڪري ٿو پر راڳ ۽ شاعري جي معيار ۾ به فرق لاءِ هڪ بهترين گيت آهي. جتي نوان فنڪار ۽ شاعر حقيقت پسندي کان هٽي ولگرٽي ۽ سستي، تڪڙي شهرت ماڻڻ توڙي ذاتي مفادن خاطر راڳ جي وڪري واري ڊوڙ ۾ رڌل آهن اتي اهڙي قسم جي شاعري توڙي راڳ يقينن وقتائتو قدم آهي.

شمن جو اهو گيت نه رڳو حالتن جي عڪاسي آهي پر حقيقت ۾ اهو گيت ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.