جيڪڏهن توهان 10 سال پراڻو اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري رهيا آهيو، ته بهتر آهي بدلائي ڇڏيو، ڇو ته پهرين جنوري 2025 کان پوءِ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
جي ها ميٽا فيصلو ڪيو آهي ته پراڻن اينڊرائيڊ فونز لاءِ واٽس ايپ جي سپورٽ بند ڪئي ويندي.
خاص طور تي اهي سمارٽ فونز جيڪي اينڊرائيڊ ڪٽ ڪيٽ (Android 4.4) تي هلي رهيا آهن.
هڪ رپورٽ موجب، جيڪي سمارٽ فونز اينڊرائيڊ ڪٽ ڪيٽ يا ان کان پراڻن آپريٽنگ سسٽم ورزنز تي هلي رهيا آهن، انهن ۾ پهرين جنوري کان پوءِ واٽس ايپ تائين پهچ ممڪن نه هوندي.
واٽس ايپ جي طرفان يوزر انٽرفيس ۽ پرائيويسي سيٽنگز کي مسلسل بهتر بڻايو پيو وڃي، جنهن لاءِ اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن جيڪي جديد اينڊرائيڊ ۽ ايپل آپريٽنگ سسٽمز سان ٺهڪندڙ هوندا آهن
اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني طرفان اڪثر پراڻن آپريٽنگ سسٽمز لاءِ سپورٽ ختم ڪئي ويندي آهي.
ميٽا جديد فيچرز تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ٽيڪنالاجي تي مبني فيچرز شامل آهن، جنهن لاءِ وڌيڪ جديد هارڊويئر جي ضرورت آهي.
هن وقت به اٽڪل هڪ سيڪڙو اينڊرائيڊ سمارٽ فونز اهڙي پراڻن آپريٽنگ سسٽمز تي هلي رهيا آهن.
پهرين جنوري کان جن پراڻن سمارٽ فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو انهن ۾ سامسنگ گليڪسيسي ايس 3، ايس نوٽ 2، گليڪسيسي ايس 3، گليڪسيسي ايس 4 مني، موٽورولا موٽو جي (فرسٽ جنريشن)، ريزر ايڇ ڊي، موٽو اي 2014، ايڇ ٽي سي ون ايڪس، ون ايڪس پلس، ڊيزائر 500 ۽ ڊيزائر 601 شامل آهن.
ان ريت ايل جي جا آپٽيمس جي، نيڪسس 4، جي 2 مني ۽ ايل 90 ۽ سوني جا ايڪس پيريا زي، ايڪس پيريا ايس پي، ايڪس پيريا ٽي ۽ ايڪس پيريا وي سمارٽ فونز پڻ واٽس ايپ کان محروم ٿي ويندا.
جيڪڏهن توهان انهن پراڻن سمارٽ فونز کي استعمال ڪري رهيا آهيو، ته توهان کي پنهنجو واٽس ايپ ڊيٽا ڪنهن نئين ڊيوائس تي منتقل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پهرين جنوري کان پوءِ واٽس ايپ جي سموري ميڊيا ۽ چيٽ هسٽري ڊليٽ ٿي ويندي.
ميٽا طرفان ڪجهه وقت اڳ اهڙو اعلان کي آءِ فونز لاءِ پڻ ڪيو ويو هو، ڪمپني پراڻن آءِ او ايس ورزنز تي هلندڙ آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ بند ڪري رهي آهي ۽ مئي 2025 کان صرف آءِ او ايس 15.1 تي هلندڙ آءِ فونز تي ئي هن ميسجنگ ايپ کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
Prev Post
You might also like