اوهان سڀني ڏٺو هوندو ته ملڪ ۾ ڪارن، بسن، توڙي ٽرڪن وغيره جي ڊرائيونگ سيٽ ساڄي پاسي ڏانهن هوندي آهي ۽ گيئر لڳائڻ وارو عمل کاٻي هٿ سان ئي ٿيندو آهي، ان سان گڏ سڀ جو سڀ گاڏيون توڙي موٽرسائيڪلون ۽ ٻي سواري کاٻي پاسي کان سفر ڪندا آهن مطلب ته گاڏيون کاٻي پاسي کان هلن ٿيون، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهو ائين ڇو آهي ؟
اها ڳالهه انگريزن جي دور جي تاريخ سان ڳنڍيل آهي. 1800ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن برطانوي سرڪار برصغير تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو، ته هنن پنهنجا قانون ۽ ضابطا به هتي لاڳو ڪيا، جن ۾ ٽريفڪ جا اصول به شامل هئا. انگلينڊ ۾ ان وقت گاڏيون کاٻي پاسي کان هلنديون هيون ۽ اهو طريقو برصغير ۾ به لاڳو ڪيو ويو.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انگلينڊ ۾ کاٻي پاسي ڊرائيونگ جي روايت ڪٿان آئي؟ ان جو پس منظر وري اڃا پراڻو آهي. قرون وسطيٰ جي يورپ ۾، ماڻهو گھڻو ڪري ساڄي هٿ سان تلوار کڻندا هئا. جنگ دوران يا ڪنهن به خطرناڪ صورتحال ۾، کاٻي پاسي هلڻ وڌيڪ محفوظ سمجهيو ويندو هو، ڇو ته ان سان سامهون ايندڙ ماڻهوءَ کي مقابلي لاءِ بهتر طور ڏسي سگھبو هو. ۽ ان تي ساڄي هٿ سان حملو ڪرڻ توڙي ان جي حملي کي ساڄي هٿ سان منهن ڏيڻ سولو هوندو هو، اها عادت انگريزن جي ٽريفڪ نظام جو حصو بڻجي وئي، ۽ جڏهن انگريز ٻين ملڪن تي حڪومت ڪرڻ لڳا، ته ٻين قانونن سان گڏ اهو اصول اتي به رائج ڪيائون.
برصغير ۾، اهو نظام انگريزن جي حڪم سان لاڳو ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به انگريز ته نڪري ويا پر انهن جي ٻين ڪيترن ئي قانونن سان گڏ ٽريفڪ جو اهو قانون به اڃا تائين لاڳو آهي.
اڄ به، پاڪستان سميت ڀارت، بنگلاديش، ۽ سري لنڪا جهڙا ملڪ کاٻي پاسي ڊرائيونگ ڪن ٿا. ان جي ابتڙ، دنيا جي اڪثريت ملڪن ۾ ساڄي پاسي ڊرائيونگ ڪئي ويندي آهي. پر اسان وٽ اهو نظام برطانوي راڄ جي اثر جو هڪ تاريخي نشان آهي، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي.