برسلز (ويب ڊيسڪ ) يورپي يونين پاڪستان ۾ فوجي عدالتن طرفان پنجويهه شهرين کي ٻڌايل سزائن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي.
روزيورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، يورپي يونين جي نظر ۾ ” فيصلن کي انهن ذميوارين سان ٽڪراءَ سمجهيو ويندو جيڪي پاڪستان شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدي(ICCPR) تحت قبول ڪيا آهن.“
يورپي يونين واضح ڪيو آهي ته آءِ سي سي پي آر جي آرٽيڪل 14 موجب هر شخص کي عدالت ۾ منصفاڻي ۽ عوامي ڪيس جي ٻڌڻي جو حق حاصل آهي جيڪو آزاد، غيرجانبدار ۽ اهل هجي ان کي مناسب ۽ اثرائتي قانوني نمائندگي جو حق حاصل هجي.“
يورپي يونين جو چوڻ آهي ته ” ان ئي آرٽيڪل ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته فوجداري ڪيس ۾ جيڪو به فيصلو ٻڌايو ويو آهي اهو عام پڻ ڪيو ويندو. “
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يورپي يونين جي جنرلائزڊ اسڪيم پريفرنسز (+GSP ) تحت پاڪستان سميت فائدو حاصل ڪندڙ ملڪن رضاڪاراڻي طور تي آءِ سي سي پي آر سميت 27 عالمي بنيادي ڪنونشنز کي اثرائتي طريقي سان لاڳو ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن جي ايس پي پلس اسٽيٽس مان لاڀ حاصل ڪندا رهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوَ مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي فوجي عدالتن طرفان ٻه کان ڏهه سال سخت پورهئي سان قيد جون سزائون ٻڌايون هيون.
You might also like