”حامل هاذا ڪو مطالبا پر ادا ڪريگا“ نوٽن تي اهو جملو ڇو لکيل هوندو آهي؟

حامل هاذا ڪو مطالبا پر ادا ڪريگا، حقيقت ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو وڏو واعدو آهي، جنهن کي صحيح سمجهڻ لاءِ ڪجهه گرائونڊ حالتن کي سمجهڻو پوندو.

پئسن جي اهميت جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه يا ڪيتريون ئي ضرورتون هونديون آهن جيڪڏهن اهي ضرورتون پوريون ٿي وڃن ته زندگي سولائيءَ سان گذاري سگهجي ٿي، اخلاقيات، خلوص ۽ ڪردار جو مٽ ڪجهه به ناهي پر ڳالهه ڪجي بنيادي انساني ضرورتن يا گُهرجن جي ته سڀ جون سڀ جون ضرورتون يا گُهرجون پئسن سان پوريون گهري سگهجن ٿيون، مطلب ته ججهي مقدار ۾ پئسو هجي ته زندگيءَ جا نوي سيڪڙو مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.

اها به شايد سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته پئسي جي اهميت به وقت ۽ حالتن جي پٽاندڙ مٽبي سٽبي رهي ٿي، مطلب ملڪي يا عالمي جنگي حالتن ۽ ڏڪار واري صورتحال ۾ پئسي جي اهميت نه هئڻ برابر وڃي بچندي آهي ڇو ته انهن ٻنهي صورتن ۾ انسان کي رڳو پنهنجي جياپي ۽ کائڻ پيئڻ جي ضرورت هجي ٿي.

ان سان گڏ ٻاهرين ملڪ ۾ سفر دوران هر ماڻهوءَ کي پهريان ڪرنسي مٽائڻي پوندي آهي جنهن لاءِ مختلف جاين تي ڪرنسي مٽائيندڙ ايجنسيون موجود هونديون آهن، فرض ڪيو ته جيڪڏهن اهي ته ڪرنسي مٽائيندڙ ايجنسيون نه هجن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ پاڪستاني رپيا ٻئي ڪنهن به ملڪ جو ڪيڏو به قيمتي ناڻو، لکين يا ڪروڙين رپين ئي ڇو نه هجي ڪنهن به ڪم جو ناهي هوندو، اهڙي صورتحال ۾ اسٽيٽ بينڪ پنهنجي نوٽن تي عوام کي پئسن عيوض سون ڏيڻ جو واعدو ڪندي اهو جملو لکندي آهي جنهن جو مطلب آهي ته نوٽ رکندڙ همراهه کي مطالبي تي ادا ڪيو ويندو، ان جملي جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن توهان ڪيترا به پئسا اسٽيٽ بينڪ کڻي وڃو ته بينڪ اوهان کي ان جي بدلي ۾ اوترو سون ڏيندي.

ڳالهه سون جي موجودگي جي ڪجي ته ملڪ ۾ اوترو سون آهي ئي نه جيترا پيسا پرنٽ ٿيل آهن، جيڪڏهن سڀ جو سڀ پيسا اسٽيٽ بينڪ کڻي پهچجي ته توهان پنهنجي ڪيل واعدي تي پورا لهو ۽ اسانکي سون ادا ڪيو ته اسٽيٽ بينڪ رڳو ويهه سيڪڙو يا انکان به گهٽ رقم جي عيوض سون ادا ڪري سگهي ٿي جڏهن ته باقي اسي سيڪڙو نوٽن جي قيمت ٽيهه رپيا ڪَلو رَدي واري پني کان وڌيڪ نه رهندي، ڀلي اُهي پنج هزار جا نوٽ ئي ڇو نه هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.