حيدرآباد: اياز ميلي ۾ سنڌ جي نامياري صحافي اسحاق مڱريو، رشاد محمود، سعيده گزدر ۽ راحت سعيد جي ياد ۾ "جي پنهنجيجوت جلائي ويا” جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي. جنهن جو ماڊريٽر ماڊيٽر فهيم شناس هو. ان موقعي تي سعيده گزدر جي نياڻي عائشه گزدر ڳالهائيندي چيو ته سعيده گزدر ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو. پر ضياءَ جي دور ۾ هن مسلسل بنا خوف جي مارشلا خلاف لکيو. شهيد نذير عباسي جي شهادت هن کي تمام گهڻو ڏکارو ڪيو ۽ شهيد نذير عباسي جي شهادت تي به هن دليري سان لکيو. هن جي لکڻين ۾ جمهوريت جا شهيد به ملندا،سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته صحافي اسحاق مڱريو جو ڪردار ڪهاڻي جهڙو آهي، اسحاق مڱريو سانگهڙ مان صحافت جي شروعات ڪئي، هن صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن جي دوستي جو دائرو وسيع هو، اسحاق مڱريو عورتن جي حقن لاءِ لکيو، هن جي اندر رواداري هئي. هن چيو ته اسحاق مڱريو هر محفل ۾ رقص ڪندي نظر ايندو هو، کيس گذريل اياز ميلي رقص کان روڪيو ويو ته هن ڪاوڙ اظهار ڪيو ۽ آخر تائين اها ڳالهه دوستن سان ڪندو رهيو. ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته رشاد محمود بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي تمام گهڻو لکيو، هن افسانه لکيا، جن کي نوجوان تمام گهڻو پسند ڪندا هئا. اسلم جواجا چيو ته راحت سعيد سويت يونين جي زوال جي موضوع تي ٽن ڏينهن جي ڪراچي ۾ ڪانفرنس ڪرائي، راحت سعيد جي جي ترقي پسند ادب جي لاءِ وڏي جدوجهد هئي، سياسي ميدان ۾ به هن پاڻ ملهايو.