نوَ مئي سانحي ۾ ملوث ڏوهارين کي سزائون، پي ٽي آءِ پاران فوجي عدالتن جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف فوجي عدالتن طرفان عام شهرين کي سزائون ڏيڻ وارو فيصلو رد ڪندي ان کي هر فورم تي چئلينج ڪري جو اعلان ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب جو چوڻ هو ته فوجي عدالت مان عام شهرين جي خلاف سزائن کي رد ڪيون ٿا، پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن کي ٻڌايل سزائون انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ماڻهو عام شهري آهن، فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي.
واضح رهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي فوجي عدالتن طرفان ٻن کان ڏهن سالن تائين سخت پورهئي سان قيد جون سزائون ٻڌايون آهن.
ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته فوجي عدالتن جو فيصلو بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ٽرائلز ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، اسان فيصلي جي مذمت ڪيو ٿا ۽ اِهو هر فورم تي چئلينج ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جي فيصلي مايوس ڪيو.
هن شهرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو، عدالتون ڪمپرومائز هونديون ته ملڪ ۾مايوسي وڌندي، هن وقت عدالتي نظام مڪمل مفلوج ٿي چڪو آهي جيڪو ملڪ لاءِ الميو آهي، انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.