ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ عملدار آسٽريليا جي دوري دوران مقامي صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان ڪيٻائڻ لڳا.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پريڪٽس سيشن دوران آسٽريلوي ميڊيا کي سوالن جو موقعو نه ڏنو ويو جنهن تي آسٽريلوي صحافي تپي باهه ٿي ويا.
ڀارتي آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ رڳو ڀارتي صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا ويا هئا.
ان ڏس ۾ ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي بس نڪرڻ واري هئي تنهنڪري مقامي صحافين جي سوالن جا جواب نه ڏنا ويا.
ٻئي پاسي آسٽريلوي صحافين ڀارتي آفيشل سان شڪايت ڪئي ته اڳتي جيڪڏهن سوالن جا جواب ناهن ڏيڻا ته اڳواٽ ٻڌايو، جيڪڏهن سوال نه ورتا ويندا ته اسان جي اچڻ جو ڪو فائدو ناهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ميلبورن هوائي اڏي تي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي به آسٽريلوي صحافين سان منهن ماري ٿي هئي.
You might also like