عمران خان چيو آهي سڀاڻي کان پرڏيهي ناڻو نه موڪلڻ واري ڪال تي عمل شروع ڪيو وڃي: عليما خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ )اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڀيڻ عليما خان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته حڪومت جو ڪميشن جوڙڻ جو ارادو نه آهي، سڀاڻي کان پرڏيهي ناڻو نه موڪلڻ واري ڪال تي عمل شروع ڪيو وڃي.
اڊيالا جيل باهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان جو چوڻ هو ته جڏهن هٿان سزا ملندي آهي ته هاءِ ڪورٽ مان رليف ملي ويندو آهي ۽ القادر ٽرسٽ وارو ڪيس هاءِ ڪورٽ ويندو جنهن ۾ ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا، ايندڙ 3 کان 4 مهينا ته پي ٽي آءِ باني پڪو جيل ۾ رهندو.
هن چيو ته جيڪي 26 نومبر واري احتجاج ۾ گرفتار ٿيا انهن مٿان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن.
عليما خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جا ٻه مطالبا آهن پر حڪومت جي ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جي نيت نه آهي، جيڪڏهن حڪومت سڀاڻي تائين نوَ مئي ۽ 26 نومبر تي ڪميشن جوڙڻ وارو مطالبو نه مڃيو ته پرڏيهي ناڻو نه موڪلڻ واري ڪال تي عمل شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.