ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم تازو ئي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ ليجنڊري ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايشون جي ڪاميابين تي سندس واکاڻ ڪئي.
ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪامياب ترين بالرن جي فهرست ۾ ٻيو نمبر والاريندڙ روي ايشون جي رٽائرمينٽ تي بابر اعظم لکيو ته ” هڪ شاندار ڪيريئر تي واڌايون، روي چندرن ايشون.“
ياد رهي ته ڀارتي اسپنر آسٽريليا خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي جي ٽِين ميچ جي پڄاڻي تي عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪيو هو.
روي چندرن ايشون 106 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي 537 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته 116 ون ڊي ميچن۾ 156 ۽ 65 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 72 وڪيٽون حاصل ڪيون.
You might also like