دلجيت دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو، مقبوليت ۾ شاهه رخ کي به مات ڏئي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار، اداڪار دلجيت دوسانجهه شهرت جي معاملي ۾ بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
برطانوي ميڊيا طرفان جاري ڪيل ايشيا جي 50 مشهور شخصيتن جي فهرست ۾ دلجيت دوسانجهه سال 2024 ۾ مقبوليت ۾ شاهه رخ خان ۽ الو ارجن کي مات ڏئي ڇڏي .
فهرست ۾ شاهه رخ، الو ارجن، اميتاڀ بچن، پرينڪا چوپڙا ۽ ارجيت سنگهه به شامل آهن.
ان فهرست ۾ ٻين مشهور ڀارتي شخصيتن ۾ پرڀاس 14 هين جڏهن ته راج ڪمار رائو پندرنهين پوزيشن ماڻي.
اهڙي ريت ڪارتڪ آريان 25 هين، اميتاڀ بچن 26 هين، عاليا ڀٽ 30 هين ۽ شاهه رخ خان 32 هين ۽ هرتڪ روشن 47 هين نمبر تي آهي.
ايشيا جي مشهور شخصيتن ۾ شامل ٿيڻ تي دلجيت دوسانجهه ان جو ڪريڊٽ پنهنجي مداحن کي ڏنو ۽ ساڻن اِها خوشخبري به شيئر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.