ٻه ڏينهن لاٿ بعد سون يڪدم سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلسل ٻه ڏينهن لاٿ بعد ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ يڪدم سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 21 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 73 هزار 4 سئو رپين جو ٿيو ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 18 سئو رپيا واڌ بعد 2 لک 34 هزار 396 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالرز اضافي سان 2 هزار 6 سئو 22 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.