اسلام آباد (سيد طلعت حسين) آمريڪا ڪالهه ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان ۾ اصل ويڙهه هو ڪهڙي وڙهي رهيا آهن. رچرڊ گرينل کان ويندي ڪانگريس تائين ظاهري طور تي اوهان کي جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڳالهه نظر اچي ٿي. انساني حقن جي پرچار اهي ڪري رهيا آهن جيڪي ٻارن کي شهيد ڪندڙ رياست اسرائيل جا حامي آهن. پابنديون ان ڊپ جي ڪري به لڳايون ويون آهن ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام سان گڏ ميزائلن جي سگهه به موجود هوندي ته اها مضبوط طاقت هوندي. کين ڳڻتي آهي ته ڀارت ۾ هر هنڌ ميزائل پهچي سگهن ٿا، ان ڀارت جي لابي به ڪم ڪري رهي آهي، اسرائيل جي لابي به ڪم ڪري رهي آهي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت پراڻو مسئلو آهي. پرڏيهي کاتي طرفان به ان تي رد عمل آيو پر ان معاملي تي سخت لفظن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ها. جڏهن پي ٽي آءِ ان ۾ پرڏيهي قوتن کي ملوث ڪري ڇڏيو آهي ته ان مان اوهان کي اندازو ٿئي ٿو ته هنن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيڏو وڏو در کوليو آهي. جيڪي ماڻهو عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن بنيادي طور تي اهي ئي اينٽي پاڪستان نيوڪليئر پروگرام آهن. زلمي خليل زاد چوي ٿو ته اهي پابنديون جائز آهن ۽ گڏوگڏ عمران خان جي آزادي جو به مطالبو ڪري ٿو. اهڙا سڀ ماڻهو جيڪي ظاهري طور عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪن ٿا ته اهي پاڪستان مخالف آهن. ٽرمپ انتظاميا پاران عمران خان جي آزادي جي حمايت يا اهڙي مهم ظاهري پاسو آهي جڏهن ته پردي پٺيان پاڪستان خلاف ڪم عالمي سطح تي جاري آهي.