ڪراچي(رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪجهه عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ سي سي اي 2021 چٽاڀيٽي امتحان جي نتيجن کي تڪراري بڻائڻ لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت غلط خبرون پکيڙي رهيا آهن،ترجمان چيو ته ڪجهه اميدوارن سي سي اي 2021 جي امتحانن ۾ 1000 مان 600 مارڪون حاصل ڪيون، اهڙن اميدوارن جي انٽرويو ۾ ڪارڪردگي سٺي نه رهي جنهن جو ريڪارڊ موجود آهي، سموريون مارڪون ۽ محدود ترجيحن کي نظر ۾ رکندي، انهن اميدوارن کي ڪا به نوڪري نه ڏني وئي آهي/ايلوڪيٽ ناهي ڪيو ويو. انهن اميدوارن کي سروس جي آپشن ۾ صرف پي ايم سي PMS يا ڊي ايس پي DSP جو آپشن رکيو هو. بي بنياد معلومات جي بنياد تي آئيني اداري کي بدنام ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته ڪميشن انتظاميه اهڙن ناپاڪ عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي.