اسرائيل پاڪستان کي خطرو سمجھي ٿو؟

اسلام آباد (عمران شفقت) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻئي پاسي آمريڪا پاران پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڪجھ ڪمپنين مٿان پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي. چار ڪمپنين مٿان پابندي لڳائي وئي آھي جن۾ ھڪ اين ڊي سي سرڪاري ڪمپني آھي ٻئي اختر اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽڊ ، ٽين ايفئيليٽس انٽرنيشنل ۽  چوٿين راڪ سائيڊ انٽرپرائزز آھي پابنديون ان جي ڪري لڳايون ويون آھن جو پاڪستان جو ايٽمي پروگرام آمريڪا جي اک ۾ چڀندو آھي، روس ۽ افغانستان ۾ طالبان خلاف جنگين ۾ ساٿ ڏيڻ باوجود آمريڪا اسان تي اعتبار ناھي ڪندو،تازي پابندي انڊيا جي ڪري لڳي اھو چين خلاف آمريڪا جو سول ايجنٽ آھي ٻيو آھي اسرائيل، اسرائيل انڊيا جي ذريعي ٻھ ڀيرا پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي حملا ڪري چڪو آھي ڪو ھفتو اڳ آمريڪا ۾ ھڪ رسالي کي انٽرويو ڏيندي نيتن ياھو چيو تھ کين اسلامي انتھا پسندن مان خطرو آھي ۽ ھن جينٽلمين (پاڪستاني صحافي) جي ملڪ مان خطرو آھي، جنھن تي صحافي چيو تھ اسان تھ ايترو پري آھيون تنھن تي چيائين مذاق پئي ڪيم.رچرڊ گرينيل جي مقرري تي خوش ٿيندڙ پي ٽي آءِ وارا ھن پابندي تي بھ جشن ڪري رھيا آھن. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ طئي ڪري ورتو آھي تھ بليڪ ميل نھ ٿينداسين. ٻيو انھن کي لڳي ٿو تھ اسرائيل سان سفارتي ناتا عمران خان بحال ڪرائي سگھي ٿو ان جي ڪري اسرائيلي لابي ان جي لاءِ ڪوشش ڪري سگھي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 20 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.