پي ٽي آءِ قيادت کي غلطين مان سکڻ گهرجي

تحرير: رياض ابڙو 

پي ٽي آءِ جي احتجاجي ڪالن وارين شڪستن جي پويان هنن جا پنهنجا ڪرتوت آهن، جن هنن جي احتجاجن جي ڪال کي آخري ڪال بڻائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪا ڳالهه باقي نه ٿي رهي. جڏهن ته هڪڙي ڳوٽ باقي رکن هان. ان ڳالهه ۾ تڪڙ جي ضرورت نه هئي ته هن ئي سرڪار ۾ عمران خان جو ٻاهر اچڻ ممڪن آهي. ممڪن آهي ته ايندڙ اليڪشن تائين ڪا سرڪاري سبيل ۽ رستو جوڙي. جيئن نوازشريف کي ٻاهر ”سيف اسڪيپ“ ڏئي عمران خان کي وارو مليو هيو، هو بنا روڪ ٽوڪ جي سياست ڪري ويو. خان پاڻ مخالفن کي ڀڀڪيون ڏيندو هيو، تيئن هاڻي به اها ئي شيءِ ممڪن آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن جي پنهنجي قيادت پاڻ ان ڳالهه تان ڦري وئي آهي، جيئن هنن 9 مئي تي ڪيو، پر ان کانپوءِ ۽ اڳ ۾ به پي ٽي آءِ جون ڪيتريون ئي استعيفائون پيش ٿي چڪيون هيون  ۽ ممڪن آهي ته اهو سلسلو باقي رهي، ۽ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ته هڪ افراتفري پيدا ٿئي، جو پارٽي جي شڪل ئي بدلجي وڃي. ان ڪري پي ٽي آءِ وارا اندروني حساب طرف ڌيان ڏين، رڳو رياست کي قصور وار نه سمجهن، ڇو ته هنن جي پنهنجي اتحادي ڪمانڊ ۽ اندروني ڍانچي ٽٽڻ جي ڪري ۽ هڪٻئي کي بس هيٺان اڇلائي ڇڏيو آهي. ان کي هاڻوڪي وحشياڻي ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان نه ٿو چئي سگهجي، پر اهڙيون شيون مسلسل ٿينديون رهيون آهن، جڏهن پارٽيءَ کي اقتدار تان لاٿو ويو ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين هنن سخت تجربن کي منهن ڏنو آهي. جنهن مان سياست جي ڪمزوري ۽ بي صبري انهن جي حامين جي بيچيني واري مزاج مان ظاهر ٿئي ٿي.

اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته هن سال جي عام چونڊن جا نتيجا انهن اميدوارن جي حق ۾ ڏنا ويا جيڪي اڪثريت جي نمائندگي نه ٿا ڪن، جنهن ڪري ان جي مينڊيٽ کي رد ڪيو ويو. اڃان تائين ڪجهه ماڻهو (سياستدان) ڌانڌلي کي جواز بڻائي اهو چئي رهيا آهن ته لڳ ڀڳ سموريون گذريل چونڊون به اصل ڌانڌلي ڪندڙن هٿان ڌانڌليون ڪرائي کٽيون ويون ۽ حقدار پوئتي رهجي ويا. اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي انجنيئرنگ جي ان بنياد تي ڪوڙي ثابت ٿي. بهرحال، گذريل عام چونڊن جي ذميواري رياستي ادارن اندر ظلم ۽ بدعنواني سان مليل طاقت جو غلط استعمال سب ٿيون جنهن سڀ حدون پار ڪيون ويون. اهي ادارا جيڪي آئيني طور تي آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جا ذميوار آهن، اهي پنهنجي فرض ۾ بری طرح ناڪام رهيا. آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ لاءِ غيرجانبدار، غير سياسي نگران انتظاميا کي گڏ ڪرڻ جو تجربو انتهائي ناڪام ثابت ٿيو آهي. ڪابينا، جن ۾ چيف ايگزيڪيوٽوز شامل هئا، سي زميوار آهن.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي آخري احتجاجي سڏ جي ناڪامي تي پارٽي اڳواڻن ۾ الزام ۽ ترديد جي نتيجي ۾ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ جي قومي اسيمبلي ۾ اهم اتحادي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. سلمان اڪرم راجا پنهنجي استعيفيٰ موجوده پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان کي جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته استعيفيٰ قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو فيصلو پارٽي جو باني عمران خان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪندو، پر اهو سلسلو جاري رهندو ان ڪري ته صرف ڪي پي جا وزير پي ٽي آءِ جي ها ۾ ها ملايون ويٺا آهن. ان کانسواءِ ايس آءِ سي جي سربراه صاحبزاده حامد رضا به پارٽي جي بنيادي ۽ سياسي ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هو قومي اسيمبليءَ مان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. حامد رضا پارٽي اڳواڻن کي آگاه ڪيو هيو ته پارٽي صفن ۾ ڇڪتاڻ عمران خان ۽ سندس مقصدن کي نقصان پهچائي رهي آهي، پر هن جي ڪنهن جي نه ٻُڌي ۽ پارٽي جي فيصلن تي بشري بييي حاوي رهي. استعيفيٰ پارٽي جي معاملن تي ٻن اهم سياسي ڪميٽين ۾ ٻن ڏينهن تائين گرم بحث کانپوءِ ٿيو، ڇاڪاڻ ته هو عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيا ۽ خيبرپختونخواه جي ڪارڪنن کي هنن مضبوط ڪريو پر لاهور مان ڪنهن به ريلي ڪڍڻ جي لاءِ پارٽي انهن ماڻهن کي موبلائيز نه ڪري سگهي جنهن سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻيا.

جڏهن ته مسٽر راجا اڳ ۾ ئي مايوس ٿي چڪو هيو ڇاڪاڻ ته اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بيبي هن کي شاٽ ڪٽ سڏيندي هئي ۽ هن 24 نومبر جي احتجاج کان اڳ پشاور ۾ ٿيل گڏجاڻين ۾ پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي توهين ڪئي هئي. مسٽر راجا هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي وڊيو پيغام تي سخت ۽ جارحانا تبصرو پڻ ڪيو هيو، جتي هن لاهور کان ٻاهر نه نڪرڻ لاء عذر پيش ڪيو هيو. پارٽي ذريعن ناقص منصوبابندي، غيرمتوقع حالتن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ بجاءِ پارٽي جي شڪست تي بحث جاري رکيو ۽ ان سان گڏ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولھ ڪئي. پر پنجاب جا اڳواڻ اصرار ڪري رهيا هئا ته بشرا بيبي جا سخت آرڊر سمورن ٽڪيٽ هولڊرز ۽ عهديدارن کي ڏنا ويا ۽ کين مجبور ڪيو ويو ته هو بنا ڪنهن سوال جي هدايتن تي عمل ڪن. بشرا بيبي جو مطالبو هيو ته هر ايم پي اي ۽ ايم اين اي 5000 ۽ 10000 ماڻهن کي متحرڪ ۽ گڏ ڪري، ان کان علاوه 24 نومبر کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ پنجاب مان متحرڪ نه ٿيڻ جي هدايتن سان گڏ آخري ڪال واري ڏينهن به پارٽيءَ جو وڏو حصو احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي هيو.

جيتوڻيڪ پنجاب ۾ اڳواڻ عوام کي متحرڪ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا هئا، انهن جو اسلام آباد ڏانهن رستو بلاڪ ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب جي صوبائي حڪومت هر شهر کي سيل ڪري قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو هيو ۽ چوري زوري ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، پارٽي اندر موجود قيادت کي گذارش ڪئي وئي هئي ته هو شامل ٿين ۽ پنجاب مان وڌيڪ ماڻهن جو انتظار ڪن ڇو ته انهن گهرو وزير محسن نقوي جي ڌمڪين جي نتيجي ۾ نئين حڪمت عملي جوڙي وئي هئي. جيئن ته هدايتون 26 نومبر تي شام 5 وڳي بشريٰ بيبي ۽ علي امين گنڊاپور جي ڪنٽينر مان اچڻ بند ٿي ويون ان ڪري ڪجهه سينيئر اڳواڻن مطابق پارٽيءَ جي ڪارڪنن لاءِ اڳتي وڌڻ خطرناڪ هيو، پر انهن کي مرڪزي قيادت کان اجازت نه ملي سگهي. قيادت ته آخري ڪال واري احتجاج لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سخت انداز ۾ تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو هيو ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي مان قافلو 24 نومبر تي روانو ٿيڻو آهي ته پوءِ رڳو پنجاب جا اهي اتر وارا علائقا انهن سان گڏ متحرڪ ٿيڻ گهرجن. پوءِ ٻي لهر ۾ ڏکڻ، اوڀر ۽ وچ پنجاب مان قافلا ٻئي ڏينهن يعني 25 نومبر تي نڪرڻ گهرجن هان. پر قيادت پاڻ سست ٿي وئي، ۽ ڳالهين کي اڳتي نه وڌائي سگهي، هنن پاڻ کي ڪور ڪميٽي کان پري رکيو. هاڻي ڪير به هڪٻئي جي غلطين جو الزام کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪي فيصلا ڪيا ويا انهن تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهن سندن حامي روڊن جي بندش ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي روڪڻ کانپوءِ به راڄڌاني پهتا ته ڪي پي جو قافلو بليو ايريا ۾ ئي منتشر ٿي چڪو هيو.

ياد رهي ته جڏهن هنن ملڪ ۾ حڪومت ڪئي هئي، تڏهن به پي ٽي آءِ عوام جي حق ۾ ڪو سُٺا فيصلا نه ڪندي هئي، ۽ مخالفن سان پاڻ به اهڙو سلوڪ ڪندا هيا جيڪا هاڻي پاڻ ڏسن پيا، پر هاڻوڪا سياسي رويا عوامي جذبن جي بيچيني کي وڌيڪ ڀڙڪائي سگهن ٿا. نتيجي ۾ ڪيترائي قابل اڳواڻ پي ٽي آءِ کي ان وقت به ڇڏي ويا جڏهن انهن جو ستارو چمڪي رهيو هيو. ھاڻي انھن مان گھڻا جن تڪڙ ۾ قدم کنيا، انهن کي پرچائي سامهون آڻين، ڇو جو صاف نظر ٿو اچي ته انهن کانسواءِ پارٽي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويندي ۽ عوام جي وسيع طبقن کان همدردي حاصل ڪرڻ جي باوجود پارٽي جي قيادت اڃان تائين پنهنجو پاڻ سنڀالي ناهي سگهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجا حامي وڃائي رهي آهي. حيرت اها به آهي ته اسلام آباد واري احتجاج کي پارٽي سنڀالي نه سگهي، ۽ تمام گهڻو خطرو کڻڻ جي باوجود به هنن جا منصوبا ناڪام ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي نازڪ لمحن تي، اهم فيصلا سياسي ڏاهپ ۽ تحمل جي بجاءِ ذاتي خواهشن ۽ غير منطقي اميدن جي ڪري ٿي ويا. پي ٽي آءِ کي گهرجي ته جلد ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري، ۽ اهو تڪرار جاري رهيو ته پي ٽي آءِ ختم به ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ جي قيادت کي به گهرجي ته هو پنهنجي ڪجهه اهم اڳواڻن ۽ حمايتين جي حوصلا افزائي ۽ سازشي نظرين تي هڪ ڊگهي ۽ سخت نظر رکي. اسلام آباد ۾ ڪيل ڪريڪ ڊائون جو مقابلو اوڀر پاڪستان ۽ فلسطين سان ڪرڻ سولو ناهي. شين کي تناسب کان ٻاهر آڻڻ جو اهو رجحان ڏکيو آهي، جنهن کي پارٽي جلد ئي ختم ڪرڻ گهرجي. هن وقت اهو چوڻ جائز آهي ته پارٽي گذريل ڏينهن ۾ پنهنجي غلطين جي ڪري پاڻ کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ برداشت ڪرڻ جي سگھه رکي ٿي ته ان وٽ پنهنجو پاڻ کي ترتيب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اهو پنهنجي ڪيترن ئي خطائن کي پاڻ احتساب هيٺ آڻي جنهن سان خطرا ٽري سگهن ٿا ۽ قيادت هاڻي صحيح ۽ وقتائتا فيصلا ڪري ۽ ڳالهيون ڪامياب ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.