هاڻي واٽس ايپ تي چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪرڻ ممڪن، طريقو ڄاڻيو

چيٽ جي پي ٽي هٿرادو ذهانت ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي سان ليس اهڙوٽول آهي جيڪو انتهائي تيزيءَ سان انٽرنيٽ جي دنيا جي هر شعبي جو حصو بڻجي رهيو آهي.
اِهو اي آءِ چيٽ بوٽ مائيڪرو سافٽ جي بنگ سرچ انجڻ ۽ ايپل جي آءِ او ايس 18 جو حصو بڻجي چڪو آهي جڏهن ته مختلف آن لائين سروسز ۾ ان کي شامل ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.
پر دنيا جي مشهور ترين پيغام رسائيندڙ ايپ يعني واٽس ايپ ۾ اڃا تائين چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪرڻ ممڪن نه هو، پر هاڻي انتهائي سولائيءَ سان واٽس ايپ ۾ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
جي ها سچ پچ هاڻي چيٽ جي پي ٽي واٽس ايپ تي واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
اوپن آءِ اي آءِ طرفان باظابطا طور چيٽ جي پي ٽي کي واٽس ايپ جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آءِ فونز ۽ اينڊرائيڊ ڊيوائسز تي چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪرڻ جو تمام سولو طريقو موجود آهي، ان لاءِ اوهان کي 1-008-242-8478 نمبرکي پنهنجي واٽس ايپ ڪانٽيڪٽس ۾ ايڊ ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن اوهان نمبر ايڊ نٿا ڪرڻ چاهيو ته هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري به اوهان واٽس ايپ تي چيٽ جي پي ٽي تائين پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا.
چيٽ جي پي ٽي تائين پهچ جو هڪ ٻيو آپشن هيٺ موجود ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪرڻ آهي.

چيٽ جي پي ٽي تائين پهچ جو هڪ ٻيو آپشن ڪيو آر ڪوڊ آهي.
چيٽ جي پي ٽي تائين پهچ جو هڪ ٻيو آپشن ڪيو آر ڪوڊ آهي.

ائين ڪرڻ سان اوهان اي آءِ چيٽ بوٽ واٽس ايپ تي استعمال ڪري سگهندئو.
واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ چيٽ جي پي ٽي ۾ ايڊوانسڊ موڊ يا ويزول فيچرز دستياب نه هوندا، چيٽ بوٽ رڳو اوهان جي سوالن جا جواب ڏيڻ تائين محدود هوندو.
پر سٺي ڳالهه اِها آهي ته واهپيدارن کي اوپن اي آءِ جو نئون جي پي ٽي o1 مني ماڊل دستياب هوندو.
ان کانسواءِ اوپن اي آءِ طرفان واٽس لاءِ مختص چيٽ بوٽ جي تياري تي ڪم جاري آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اڪائونٽ جي ضرورت نه پوندي.
في الحال اِهو واضح ناهي ته هي فيچر ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.
اوپن اي آءِ جي چيف پروڊڪٽ آفيسر ڪيون ويل موجب، ڪمپني چيٽ جي پي ٽي کي هر هڪ لاءِ پهچ لائق بڻائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.