ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ٻه هزار ڇهه سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد ٻه لک ٽيهتر هزار نوَ سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 29 رپيا لاٿ بعد 2 لک 34 هزار 3 سئو 11 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 26 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2 هزار 6 سئو 31 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.