پاڪستان ۽ بنگلاديش گڏجي پنهنجي عوام کي خوشحال بڻائي سگهن ٿا: وزيراعظم

قاهرا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش گڏجي پنهنجي ملڪن جي عوام خوشحال بڻائي سگهن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر ۽ سٺي دوست ڊاڪٽر محمد يونس گڏ مصر جي راڄڌاني قاهرا ۾ ٿيل اُسرندڙ ملڪن جي ڊي 8 ڪانفرسن جي موقعي تي انهتائي پرجوش ملاقات ٿي.
شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان تاريخي ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، آءِ ٽي تجارت کي واڌئڻ لاءِ ڪيميڪل، ليدر، سرجيڪل ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
هن وڌيڪ لکيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ ٻطرفي ترقي تي پڻ اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.