” ائين نٿا ڪري سگهو“ ڪوهلي صحافڻ کي ڇنڊ پٽي ڇڏي، وڊيو وائرل

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ميلبورن هوائي اڏي تي رپورٽر ۽ ڪئمرا مين تي ڪاوڙجي پيو.
ذريعن موجب، برسبين ۾ آسٽريليا خلاف ٽِين ٽيسٽ ميچ جي پڄاڻي بعد ويرات ڪوهلي فيملي سان گڏ ميلبورن هوائي اڏي پهتو جتي ڪوهلي جي عورت آسٽريلوي رپورٽر سان بحث ٿيو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
ڪوهلي ڪئمرا مين سان به مڪالمو ڪندي چيو ته ” مون کي پرائيويسي جي ضرورت آهي، ٻار گڏ آهن، اجازت کانسواءِ اوهان وڊيو نٿا ٺاهي سگهيو. “
ميڊيا رپورٽ موجب، ايئرپورٽ پهچڻ تي ڪئمرا جو رخ فيملي ڏانهن ٿيندي ئي ويرات ڪوهلي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ عورت رپورٽر ۽ ڪئمرا مين سان بحث ڪيو ۽ اتان هليو ويو.
واضح رهي ته ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما ۾ گوڙ گهمسان ۽ ڪروڙين مداحن کان پري پنهنجي نجي زندگي پرسڪون ماحول ۾ گذارڻ چاهين ٿا جنهن لاءِ هو ڀارت ڇڏي مستقل طور لنڊن منتقل ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.