ڍاڪا (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهين آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ فارچون بريشال طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.
ذريعن موجب، بي پي ايل جا مقابلا 30 ڊسمبر کان شروع ٿيندا، ميگا ايونٽ لاءِ شاهين آفريدي فرنچائز ” فارچون بريشال “ سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
فارچون باريشال جي انتظاميا ٽيم ۾ شاهين جي شرڪت تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شاهين آفريدي بي پي ايل ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو کيس ٽيم ۾ ڀيلڪار چون ٿا.
واضح رهي ته شاهين آفريدي ڏکڻ آفريڪا خلاف پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو نه آهي.
You might also like