پاڪستاني وزيرن جي پگهارن ۾ 900 سيڪڙو واڌ: آمريڪا جو ردعمل اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڏسڻ چاهيون ٿا.
پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته قانون جي حڪمراني جي احترام بابت پاڪستان حڪومت کي به واضح ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستاني وزيرن جي پگهارن ۾ 900 سيڪڙو واڌ بابت سوال تي هن چيو ته اهو سوال پاڪستاني عوام طرفان اُتان جي حڪومت کان پڇڻ جو آهي آمريڪا کان نه.
سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ سرڪاري عهديدارن جي پگهارن بابت راءِ رکڻ اسان جي پاليسي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.