نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي جي سمنڊ ۾ هڪ اسپيڊ بوٽ مسافر ٻيڙي سان ٽڪرائجڻ سبب ٻه ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اسپيڊ بوٽ جي ٽڪرائجڻ کانپوءِ مسافر ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، جنهن ۾ تقريبن 110 ڄڻا سوار هئا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٻه ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ٻڏي ويل 80 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
ڀارتي ميڊيا اهو رپورٽ ڪيو آهي ته اسپيڊ بوٽ امڪاني طور ڀارتي بحريا جي ڪوسٽ گارڊز جي هئي.
Prev Post
You might also like