هواوي جي نئين فولڊ ايبل سمارٽ فون، قيمت هوش اڏائي ڇڏيندي

چيني سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ”هواوي“ سال جي پڄاڻي تي هن سال جو ٻيون فولڊ ايبل فون ”ميٽ ايڪس 6“ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ڪمپني ستمبر 2024 ۾ دنيا جو پهريون ٽرپل فولڊ ايبل فون ”ميٽ ايڪس ٽي“ پڻ متعارف ڪرائي چڪي آهي ۽ هاڻي سال پڄاڻي کان اڳ ڪمپني هڪ ٻيو فولڊ ايبل فون پيش ڪري ڇڏيو. ڪمپني دبئي ۾ فون کي متعارف ڪرايو ۽ فوري طور ان کي سڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ پيش ناهي ڪيو پر جلد ان کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ڪمپني پاران ” ميٽ ايڪس 6“ کي 5-6 انچ اسڪرين سان پيش ڪيو ويو آهي پر مڪمل طور تي کولڻ تي ان جي اسڪرين وڌيڪ وڏي ٿي وڃي ٿي.
فون ۾ ٽي بيڪ ۽ ٻه فرنٽ ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته ان ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز پڻ ڏنل آهن.
طاقتور بيٽري ۽ فاسٽ چارجر جي سهولت سان ليس فون کي ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو اينڊرائيڊ 15 تي ٻڌل آهي، ان فون کي 12 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري سان متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ان کي مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پلسلز جون ٻه ڪيمرائون آهن، جن جي ٽيڪنالاجي کي اپڊيٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيڪ تي ٽي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان مک ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي، ٻي 40 ۽ ٽين 48 ميگا پڪسل جي آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرا کي جديد ڪري ان جي ٽيڪنالاجي ڊجيٽل پروفيشنل ڪيمرا جهڙي بڻائي وئي آهي ۽ واهپيدار بهترين وڊيوگرافي پڻ ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني فون جي قيمت جو اعلان نه ڪيو آهي پر فون جي يورپ ۽ اولهه ملڪن لاءِ قيمت 2 هزار يورو رکي وئي آهي آهي، معنيٰ ان جي پاڪستاني قيمت 5 لک رپين کان وڌيڪ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.