سنڌ ۾ گاڏين جي نمبر پليٽن جي حوالي سان اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ان حوالي سان ايڪسائيز اختيارين جو چوڻ آهي ته سڀني نجي گاڏين جون نمبر پليٽون اڇي رنگ ۽ سنڌي اجرڪ جي ڊيزائن واريون هونديون، جڏهن ته ڪمرشل گاڏين جون نمبر پليٽون پيلي رنگ ۽ سنڌي اجرڪ جي ڊيزائن تي ٻڌل هونديون.
ايڪسائيز اختيارين موجب 3 اپريل 2025 کانپوءِ نجي گاڏين تي پيليون ۽ ڪمرشل گاڏين تي ڪاري رنگ جون نمبر پليٽون قبول نه هونديون، نمبر پليٽس جي تبديلي جو فيصلو گاڏين جي حفاظتي قدمن ۽ گڏيل سڃاڻپ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.