ڪراچي ۾ روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ پوليس وڏي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڌو شهر ۾ حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپر هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍو چيو ته شهر ۾ هر ٻيو حادثو موتمار ثابت ٿي رهيو آهي، حادثن کان بچڻ لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپر هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڏوهاري وڏي انگ ۾ گرفتار ۽ ماريا وڃن ٿا پر ٻئي پاسي پوليس لاءِ نئون چئلينج سامهون آيو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهر ۾ هن سال 900 جي لڳ ڀڳ حادثا ٿيا، جن مان بدقسمتي سان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حادثا موتمار ثابت ٿيا.
جاويد عالم اوڍو چيو ته موٽر سائيڪل سوارن ۽ رڪشا ڊرائيورن خلاف آگاهي مهم کانپوءِ ايڪشن ٿيندو، هر صورت ۾ ٽريفڪ قانونن تي عمل چاهيون ٿا، ڏنڊ به لڳندا ۽ گرفتاريون به ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.