ڏکڻ آفريقا خلاف ڪاميابي کانپوءِ محمد رضوان جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

پارل (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي تي چيو آهي ته مون کي پنهنجي رانديگرن تي يقين هو.
پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني، پاڪستان جي ڪاميابي ۾ صائم ايوب ۽ سلمان آغا اهم ڪردار ادا ڪيو، صائم ايوب رنسون ٺاهيون ۽ سلمان 82 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ميچ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته صائم ۽ سلمان بهترين بيٽنگ ڪئي، مون کي پنهنجي رانديگر تي يقين هو.
هن چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ هڪ ڊگهو فارميٽ آهي، جنهن ۾ وڪيٽون وٺڻ جي وڏي اهميت هوندي آهي، سلمان ۽ صائم جيڪو ڪيو، اهو ٽيم لاءِ سٺو مثال آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.