اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جي اسپيشل اڪنامڪ زونز جي سروي مڪمل ڪري وڌيڪ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سهولتون ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زونز ۾ چين مان صنعتن جي منتقلي لاءِ خاص قدم کنيا ويندا.
هن چيو ته ڪراچي جي صنعتي زون کي پورٽ قاسم سان جوڙي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ گرين پاڪستان انويسٽمينٽ جيان ڪم ڪيو ويندو.
وفاقي وزير بورڊ آف انويسٽمينٽ کي ٻاهرين ملڪن سان رابطن لاءِ هڪ هفتي جو ٽاسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانن ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن سان رابطا ڪيا وڃن.
You might also like