نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ايندڙ ٽيسٽ ميچن ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي روهت شرما طرفان ڪپتاني ڇڏڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب سنيل گواسڪر چيو آهي ته جيڪڏهن روهت شرما ميبلرن ۽ سڊني ۾ فلاپ ٿيو ته سليڪٽرن جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ئي ڪپتاني ڇڏي ڏيندو.
هن چيو ته يقيني طور تي روهت شرما آخري ٻئي ٽيسٽ ميچون کيڏندو پر جيڪڏهن هن ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندو، روهت ٽيم تي بار نه بڻجندو، هو اهڙو ڪرڪيٽر آهي، جيڪو ٽيم جو گهڻو خيال ڪندو آهي.
You might also like