آمريڪي بحريا ٽام ڪروز کي اعليٰ ترين سول اعزاز سان نوازي ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي اداڪار ٽام ڪروز کي آمريڪي بحريا طرفان اعليٰ ترين سول اعزاز ڏنو ويو آهي.
هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز کي اڱاري ڏينهن ڊپارٽمينٽ آف نيوي ڊسٽنگويشڊ پبلڪ سروس (ڊي پي ايس) ايوارڊ سان نوازيو ويو، جنهن ۾ اداڪار جي آمريڪي بحريا لاءِ سندس مشهور فلمي ڪردارن ذريعي لازوال خدمتن کي ساراهيو ويو.
ياد رهي ته ڊي پي ايس ايوارڊ هڪ وڏو اعزاز آهي، جيڪو بحريا جي کاتي کان ٻاهر ڪنهن شهري کي به ڏنو ويندو آهي.
بحريا جي سيڪريٽري ڪارلوس ڊيل ٽورو، ٽام ڪروز کي ايوارڊ پيش ڪندي چيو ته ٽام ڪروز کي ڪيترين ئي فلمن ذريعي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين بحريا جي وڪالت ڪرڻ لاءِ ايوارڊ سان نوازڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، اداڪار جي ڪم نئين نسل کي اسان جي بحريا ۽ ميرين ڪور ۾ خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ هٿي ڏني آهي.
ان موقعي تي ٽام ڪروز سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي وچ ۾ هجڻ به اعزاز جي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.