پارل (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر سلمان آغا پنهنجو مين آف دي ميچ جو ايوارڊ اوپنر صائم ايوب کي ڏئي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن پارل ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ جتي صائم ايوب سينچري اسڪور ڪئي، اتي ئي سلمان آغا 82 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.
سلمان آغا ان کان اڳ بالنگ ۾ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ 4 شڪار ڪيا، جنهن تي کيس مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو پر هن پنهنجو ايوارڊ نوجوان بيٽر صائم ايوب کي ڏئي ڇڏيو ۽ سندس اننگز کي ساراهيو.
واضح رهي ته ميچ ۾ صائم ايوب 109 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽيو.
You might also like