پاڪستان جي ڪوچنگ ڇڏيندڙ جيسن گليسپي وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو عهدو ڇڏيندڙ جيسن گليپسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
آسٽريلوي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيسن گليسپي جتي پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ٽيلينٽ جي تعريف ڪئي، اتي ئي بورڊ اختيارين تي رويي تي ڪاوڙيل نظر آيو.
هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي جي معاملن کان پري ڪرڻ کانپوءِ منهنجي اختيارن کي محدود ڪيو ويو هو، سليڪشن ۾ جڏهن اعتماد ۾ نه ورتو وڃي ته ميچ جي پلاننگ ڪيئن ٿي ٿي سگهي، بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ جي معاملي تي به مون سان رابطو نه ڪيو ويو هو.
هن هاءِ پرفارمنس ڪوچ ٽم نيلسن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ نه ڪرڻ کي به ناراضي جو اهم سبب قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪم رڳو رانديگرن کي ڪيچن جي پريڪٽس ڪرائڻ رهجي ويو هو، انهن حالتن ۾ بهتر سمجهيو ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.