سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين: قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته 18 تاريخ تي سنڌ جو عوام پنهنجو  ڪاروبار بند رکي شٽر بند هڙتال ڪري سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف احتجاج رڪاڊ ڪرائيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌو درياءِ جي پاڻي تي سنڌ جو دائمي آفاقي ۽ قانوني حق آهي. ڪنهن به صورت اهو حق اسان ڇنڻ نه ڏينداسين سنڌ پنهنجي حقن جي لاءِ عوامي سياسي جدوجھد جاري رکندي.ايس ٽي پي سربراهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي گورنر هائوس اڳيان رڪاوٽن باوجود سنڌ عوام ڀرپور شرڪت ڪري تاريخي احتجاج رڪاڊ ڪرايو. هن ملڪ جا حڪمرانن کي هوش سنڀالڻ گهرجي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي. ملڪ جي قانون ۽ آئين تحت فيصلا ڪرڻ جي بدران غيرآئيني طريقي سان فيصلا ڪري صوبن مٿان ٿاڦيا وڃن پيا جنهن سان صوبن ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ احساس محرومي وڌيڪ وڌي آهي. پاڻي جي معاملي تي ارسا کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪيل فيصلا ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءِ تي ڪئنال قبول نه ڪندي حڪمرانن کي ان قسم جا فيصلا واپس وٺڻا پوندا هن سنڌي عوام اپيل ڪئي ته سنڌو درياءِ کي بچائڻ جي لاءِ 18 ڊسمبر تي پنهنجا مڪمل ڪاروبار بند رکي هڙتال جي سڏ کي ڪامياب بڻائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.