اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي سيل قائم ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي شهرين جي حفاظت لاءِ گڏيل سيڪيورٽي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن موجب وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي الڳ الڳ پرڏيهي سيڪيورٽي سيل قائم ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت وفاقي سطح تي پرڏيهي قومي سلامتي سيل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو گهرو وزارت جي ماتحت ڪم ڪندو، اهڙي ريت صوبن جي سطح تي صوبائي پرڏيهي سيڪيورٽي سيل پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندا.
گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڻ سيڪيورٽي سيل قائم ڪيا ويا آهن، مقامي سطح تي حفاظتي انتظامن لاءِ ڊسٽرڪٽ فارنرز سيڪيورٽي سيل پرڏيهي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائيندا.
پرڏيهي شهرين جي حفاظت لاءِ پوليس، ايس پي يو ۽ ايس ايس يو سيڪيورٽي ذميواريون انجام ڏيندا.
ان کانسواءِ پرڏيهي اعليٰ شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج کي طلب ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهين جي سرپرستي ڪندڙ سرڪاري ادارا سيڪيورٽي انتظامن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪندا.
گڏوگڏ سياحن ۽ پرڏيهي صحافين جي سيڪيورٽي انتظامن جي ذميواري سياحت کاتي تي هوندي، سياحت کاتو پرڏيهي سفارتڪارن، سياحن، صحافين، شاگردن، رانديگرن ۽ زائرين جي سيڪيورٽي جي نگراني ڪندو.
You might also like